ٽرمپ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام، ٻيهر جنگ نه ڪندو: ڇرڪائيندڙ رپورٽ اچي وئي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ پنهنجي هڪ تفصيلي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر هاڻ ايران خلاف ٻيهر جنگ نه ڪندو، ڇو ته هو ان نتيجي تي پهچي چڪو آهي ته اها جنگ شروع ڪرڻ ئي غلط فيصلو هو.
رپورٽ موجب ايران سان تازي ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال نه رڳو خطي کي غير مستحڪم ڪيو پر آمريڪي پاليسي ۽ طاقت جي استعمال جي حوالي سان ٽرمپ جي نظريي جون ڪمزوريون به واضح ڪري ڇڏيون.
رسالي چيو آهي ته جيڪڏهن جنگبندي ذريعي ان تڪرار جو خاتمو ٿئي ٿو ته سياسي طور تي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٽرمپ کي کڻڻو پئجي سگهي ٿو.
دي اڪنامسٽ موجب نئين جنگ نه رڳو عالمي منڊين ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪندي پر ٽرمپ جي ”سنهري دور“ جي دعوائن کي به نقصان پهچائي سگهي ٿي.
رپورٽ موجب ٽرمپ جا ٽي وڏا مقصد وچ اوڀر کي محفوظ ۽ خوشحال بڻائڻ، ايران ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ ايران کي مستقل طور جوهري طاقت بڻجڻ کان روڪڻ حاصل ناهن ٿي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.