داراز شريف واقعو، وڌيڪ هڪ زخمي فوت، آپريشن، ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ، گرفتاريون

راڻي پور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) درازا شريف ۾ گذريل ڏھاڙي ٿيل جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين جي تڪرار ۾ زخمي نوجوان سھيل شاھاڻي زخمن جا سور نه سھندي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،  جنھن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي پنج ٿي ويو، پوليس جو جھِيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن تي چڙھائي جاري، ڪيترائي گھر ڊاھي پَٽُ ڪري ڇڏيا، لکين رپين جو مال، زيور، ڪپڙا، کٽون، موٽرسائيڪلون پاڻ گڏ کڻي وئي، 20 جي لڳ ڀڳ شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جهيڙي ۾ قتل ٿيل سائينداد جوڻيجو ۽ لال جوڻيجو جي جنازي نماز سندس آبائي ڳوٺ وريو واھڻ ۾ سخت حفاظتي پھري ھيٺ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد آخري رسمون اتي ئي ادا ڪيون ويون، جڏھن ته سرڪي برادريءَ جا قتل ٿيل ٻنھي ڀائرين نعمان سرڪي ۽ پيارو سرڪي جي جنازه نماز سندن آبائي ڳوٺ واطڻي وڏا ۾ ادا ڪئي وئي، جنھن بعد آبائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جھيڙي جو ھڪ زخمي سھيل شاھاڻي زخمن جا سور نه سھندي گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، فوتي جون اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي سندس جو آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ آبائي ڳوٺ قيصر خان شاھاڻي کڻائي ويا. جنھن بعد ھاڻي قتلن ٿيلن جو انگ وڌي پنج ٿي ويو، 5 زخمي اسپتال ۾ داخل آهن، مختلف ٿاڻن جي پوليس اي ايس پي جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي نفري، اي پي سي، ڪرين مشين، پوليس موبائيلين سان ڳوٺ وريو واھڻ سميت مختلف ڳوٺن تي چڙھائي ڪري جھيڙيندڙ ڌرين جا ڪيترائي گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا. جڏھن تي سندس گھر اندر پيل لکين رپصن جو سامان، مال، موٽرسائيڪليون پاڻ سان گڏ کڻي ويا. جڏھن ته 20 جي لڳ ڀڳ شڪي ماڻھن کي پڻ گرفتار ڪري نامعلوم ھٿ منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.