ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه زرعي شعبي کي 3 ارب رپين جي سبسڊي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڀني کاتن کي سبسڊي جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي.
زرعي شعبي ۾ سبسڊي 3 لک 66 هزار ننڍن هارين کي ڏني ويندي، جيئن اهي ڊيزل جا خرچ پورا ڪري سگهن.
وڏي وزير چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون سبسڊي جو بار گڏيل طور برداشت ڪنديون.
هن چيو ته سبسڊي جي فراهمي جو عمل سڀاڻي کان شروع ڪيو وڃي ته جيئن هارين کي رليف ملي سگهي، سبسڊي سڌي ريت انهن هارين کي ڏني وڃي، جن وٽ هڪ کان 25 ايڪڙ تائين زمين آهي، جنهن سان اهي ٿريشر ۽ ڪٽائي لاءِ ڊيزل جا خرچ پورا ڪري سگهن.
You might also like