پاڪستان جي ڪوششن رنگ لاتو، آمريڪا ۽ ايران ۾ ٻن هفتن جي جنگبندي

واشنگٽن + تهران (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪوششن رنگ لاتو، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي درخواست تي عمل ڪندي ايران تي وڏي حملي جي ڊيڊ لائن ۾ ٻه هفتا واڌ ڪري ڇڏي، ايران به پاڪستان جي تجويز مڃيندي عارضي جنگبندي تي راضي ٿي ويو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ايران خلاف امڪاني فوجي ڪارروائي کي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ ان دوران ٻه طرفي جنگبندي لاڳو رهندي.
هن چيو ته اهو فيصلو پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڪيو ويو، جن ايران خلاف ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو جنگبندي جا شرط اهي آهن ته ايران آبناءِ هرمز کي مڪمل ۽ محفوظ انداز ۾ کولڻ تي راضي ٿيندو، ان قدم جو مقصد خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڊگهي امن لاءِ رستو کولڻ آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪا پنهنجا سمورا فوجي هدف ماڻي چڪو آهي ۽ ايران سان ڊگهي مدي جي امن معاهدي جي حوالي سان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، ايران طرفان پيش ڪيل 10 نڪاتي منصوبي کي ڳالهين جي بنياد طور عمل جوڳو سمجهيو پيو وڃي، ٻن هفتن جي هيءَ مهلت حتمي معاهدي کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي.
هن چيو ته آمريڪي صدر طور ۽ وچ اوڀر جي ملڪن جي نمائندگي ڪندي هن پراڻي مسئلي جي حل جي ويجهو پهچڻ هڪ اعزاز آهي، اميد ته جلد خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿي ويندو.
هوڏانهن ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي به سمورن فوجي يونٽس کي حملا نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو پر اهو واضح ڪيو آهي ته هي جنگ جو خاتمو نه عارضي وقفو آهي.
ايراني اختيارين جنگبندي کي دشمن جي جنگ جي ميدان ۾ ناڪامي قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون سياسي ڪاميابي ۾ تبديل ٿيون ته ان کي تاريخي فتح سمجهيو ويندو نه ته جنگ جاري رهندي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران تي حملا رڪجي ويا ته ايران به حملا نه ڪندو، ايراني فوج سان رابطي ۾ رهندي آبناءِ هرمز مان ٻن هفتن تائين ٽرانزٽ ممڪن آهي.
ٻئي پاسي وائيٽ هائوس جي عهديدار چيو آهي ته اسرائيل به عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.