وزيراعظم ۽ ايراني صدر ۾ ٽيليفونڪ رابطو، پزشڪيان جي اسلام آباد ڳالهين ۾ شرڪت جي تصديق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيلي فونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن جنگبندي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ 45 منٽن تائين گفتگو ٿي، جنهن ۾ تازي جنگبندي ۽ مستقبل جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم جنگبندي لاءِ ايراني قيادت جي ذهانت جي تعريف ڪئي ۽ آمريڪا سان اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ راضپي تي ٿورا مڃيا.
پڌرائيءَ موجب ايراني صدر جنگبندي لاءِ قدمن تي پاڪستاني ليڊر شپ جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ايراني صدر پاڪستاني وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته ايران جو وفد ڳالهين لاءِ اسلام آباد ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.