سنڌ ۾ منڪي پاڪس جي پکيڙ جو خطرو، هنگامي قدمن جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ منڪي پاڪس ريسپانس يونٽ قائم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي هنگامي الرٽ جاري ڪيو ويو.
صوبائي صحت کاتي منڪي پاڪس جي امڪاني پکيڙ روڪڻ لاءِ سڀني ضلعن ۾ هنگامي قدمن جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
کاتي طرفان سڀني ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرن ۽ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽس کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
صوبي جي سڀني وڏين اسپتالن ۾ شڪي منڪي پاڪس ڪيسن لاءِ مخصوص ”ريسپانس يونٽ“ ۽ ”سهولت مرڪز“ قائم ڪيا ويندا.
کاتي سڀني طبي ادارن کي 24 ڪلاڪ فعال ”پبلڪ انفارميشن ۽ فيسليٽيشن ڊيسڪ“ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جتي تربيت يافته عملي کي مقرر ڪيو ويندو.
شڪي مريضن جي فوري ۽ محفوظ منتقلي لاءِ ريسڪيو 1122 سان ويجهو رابطو رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
انفارميشن ڊيسڪ ذريعي عوام کي منڪي پاڪس جي علامتن، احتياطي تدبيرن ۽ بچاءَ جي طريقن بابت آگاهي فراهم ڪئي ويندي.
کاتي سڀني اسپتالن، سرويلنس ٽيمن ۽ ايمرجنسي خدمتن وچ ۾ رابطو وڌائڻ ۽ انفيڪشن ڪنٽرول جي قدمن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
صحت کاتي سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ اسپتالن جي سربراهن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي انهن قدمن تي عملدرآمد جي رپورٽ 48 ڪلاڪن اندر جمع ڪرائين ته جيئن صوبائي سطح تي تيارين جو جائزو وٺي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.