لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز حيدرآباد ڪنگزمين کي 40 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ڪوئيٽا ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون.
ڪوئيٽا طرفان شمائل حسين 54 ۽ حسن نواز 53 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ٽوم ڪرن 31 رنسون ٺاهيون.
حيدرآباد طرفان ريلي ميريدٿ 3، عاڪف جاويد ۽ مهيش ٿيڪشانا 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ حيدرآباد جي ٽيم 8 وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهي سگهي، عرفان نيازي 33 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، حسان خان 31، ڪپتان مارنس لبوشين 23، عثمان خان 14 رنسون ٺاهيون.
گليڊيئيٽرز طرفان ابرار احمد 3، احمد دانيال 2، عثمان طارق، الزاري جوزف ۽ سعود شڪيل هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
You might also like