آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا: ايران ۾ شهيدن جو انگ 2076 ٿي ويو، هزارين زخمي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني اختيارين تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ شهيدن جو انگ 2076 تائين پهچي چڪو آهي، جنهن ۾ ٻار به شامل آهن.
ايران جي صحت واري وزارت جنگ دوران جاني نقصان جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
ايراني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ هيل تائين 2076 ڄڻا شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ 216 ٻار به شامل آهن.
انگن اکرن موجب حملن ۾ 1767 ٻارن سميت 26 هزار 500 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته حملن ۾ 336 طبي مرڪزن کي به نقصان پهتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.