دفاعي نظام ناڪام، ايراني ميزائلن اسرائيلي شهرن ديمونا ۽ عراد ۾ تباهي مچائي ڇڏي

تهران + تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران اسرائيل جي ٻن شهرن ديمونا ۽ عراد تي بيلسٽڪ ميزائل حملو ڪري ڏنو ۽ ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 اسرائيلي مارجي ويا ۽ تقريبن 200 زخمي آهن.
اسرائيلي ميڊيا موجب فوج دفاعي نظام جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسان جو دفاعي نظام ايراني حملو نه روڪي سگهيو.
ايراني ميزائل حملي کانپوءِ عراد ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي تعليمي ادارا بند ڪيا ويا، اسرائيلي ڪابينا جو هنگامي اجلاس گهرائي حملا روڪڻ ۾ ناڪامي تي جاچ شروع ڪئي وئي.
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه ميزائل دفاعي نظام کي ناڪام بڻائيندي شهرن ۾ وڃي ڪِريا، جنهن سان عمارتن ۾ باهه لڳي وئي ۽ وڏي پيماني تي تباهي ٿي.
ايراني سرڪاري ميڊيا چيو آهي ته حملن جو هدف ڊيمونا ڀرسان جوهري تحقيقي مرڪز هو ۽ اها ڪارروائي ايران جي نطنز جوهري پلانٽ تي حملي جي ردعمل ۾ ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.