ڪراچي)ويب ڊيسڪ)لڳاتار واڌ بعد اڄ پاڪستان سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2 هزار 900 رپيا سستو ٿيڻ بعد 5 لک 40 هزار 362 رپين جو ٿي ويو آهي
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2 هزار 486 رپيا لاٿ کانپوءِ 4 لک 63 هزار 273 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جو ملهه 29 ڊالر گهٽتائي بعد 5176 ڊالر ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سون جي اگهه ۾ 3700 رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي هئي.
You might also like