وفاق طرفان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري کي عهدي تان هٽائڻ وارو مامرو، ايم ڪيو ايم جو ردعمل اچي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) متحدا قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان گورنر سنڌ جي تبديلي بابت اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايم ڪيو ايم ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته کين سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو پتو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پيو.
ترجمان جو چوڻ هو ته وفاق طرفان ايم ڪيو ايم پاڪستان کي ان فيصلي بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وفاقي حڪومت جي فيصلي تي جلد پنهنجي حڪمت عملي طئي ڪندي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت ڪامران ٽيسوري کي هٽائي سندس جاءِ تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سمري منظوري لاءِ صدر پاڪستان ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.