فلم ”وير زارا“ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي: ناديا جميل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا ناديا جميل انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي بالي ووڊ سپر هٽ فلم ”وير زارا“ ۾ ڪم ڪرڻ جي آڇ ٿي هئي.
هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناديا جميل چيو ته مون کي وير زارا ۾ ڪم جي آڇ ٿي ۽ پراجيڪٽ تقريبن فائنل ٿي چڪو هو پر ان وقت منهنجو ٻار 3 مهينن جو هو ۽ ان کي ڇڏي نه سگهيس، مون کي لڳو ته شروعاتي مهينن ۾ ٻار سان گڏ رهڻ گهرجي.
سندس موجب ڪيترن ئي ماڻهن مون کي چيو ته ايڏي وڏي فلم کان انڪار ڪيريئر کي نقصان پهچائي سگهي ٿو پر ان وقت مان پنهنجي ٻار سان گڏ رهڻ جي چونڊ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.