دوحا (ويب ڊيسڪ) قطري پرڏيهي وزارت ايران کي جوابي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان طرفان معذرت کانپوءِ اميد جو ڪرڻو پيدا ٿيو هو پر ان کانپوءِ قطر، يو اي اي ۽ بحرين تي وڌيڪ حملا ڪيا ويا.
هن چيو ته قطر بين نار ملڪن سان گڏجي جنگ جي حوالي سان گڏيل بيان جي تياري ڪري رهيو هو پر ايران معذرت تي ردعمل جو موقعو نه ڏنو
سندس چوڻ هو ته قطر جنگ ۾ ڌر ناهي ۽ پنهنجو ڀرپور دفاع ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو، قطر سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو پر اڳتي حملي جي صورت ۾ جواب ڏنو ويندو.
You might also like