وانا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي وانا رستم بازار ۾ بارودي مواد جي ڌماڪي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 4 اهلڪارن سميت 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڊي ايس پي اصغر علي شاهه ٻڌايو ته بارودي مواد سپر مارڪيٽ ۾ گيٽ ڀرسان رکيل هو، ڌماڪي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته ٻارن سميت 18 شهري پڻ زخمي ٿي پيا.
واقعي کانپوءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال وانا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.
You might also like