ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن کي مفت پنڪ اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ حڪومت عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کڻندي مفت اسڪوٽيز ورهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي باقاعدي تقريب 8 مارچ تي ٿيندي.
ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ موجب اهو قدم سنڌ حڪومت جي ان مشن جو حصو آهي، جنهن تحت عورتن کي محفوظ ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.
پروگرام تحت چونڊيل عورتن کي جديد اليڪٽرڪ اسڪوٽيز ڏنيون وينديون، جيڪي نه رڳو ٻارڻ جي بچت ڪنديون پر ماحول کي گدلاڻ کان به بچائينديون.
You might also like