لاهور (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ناڪامي جو شڪار ٿيندڙ ٽيم ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به فارميٽ ۾ ڪپتان ۽ ڪوچ تبديل نه ڪيا ويندا، ڇاڪاڻ ته ماضي جي ابتڙ ڪرڪيٽ بورڊ پاليسين ۾ تسلسل چاهي ٿو.
ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن معاهدي موجب ڪم جاري رکندو، جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ڪپتان سلمان علي آغا ۽ ون ڊي فارميٽ ۾ ڪپتان شاهين آفريدي کي بورڊ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب، ڪرڪيٽ بورڊ ماضي جي شڪستن کانپوءِ ڪوچ ۽ ڪپتان کي هٽائڻ بدران انهن تي اعتماد ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته استعيفيٰ ڏيندڙ سليڪٽر عليم ڊار جي استعيفيٰ منظور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ اظهر محمود جي استعيفيٰ کانپوءِ خالي جاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيڪو هيڊ ڪوچ طور ابوظهبي مان واپسي تي ذميواريون سنڀاليندو.
ان کانسواءِ ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس سينٽر عاقب جاويد ۽ سليڪشن ڪميٽي پنهنجو ڪم جاري رکندي.
پي سي بي جو ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي شرمناڪ ڪارڪردگي باوجود ڪوچ ۽ ڪپتان تبديل نه ڪرڻ جو فيصلو
You might also like