ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ اهم خبر آهي ته نيشنل ڊيٽا بيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي آفيس اڄ کان 7 مارچ تائين بند رهندي.
نادرا جي جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب نادرا رجسٽريشن سينٽر اورنگي ٽائون ڪراچي اڄ 2 مارچ کان ڇنڇر 7 مارچ تائين واڌ ۽ مرمت لاءِ عارضي طور بند رهندو.
ان دوران آن لائن اپائنٽمينٽ جي سهولت به معطل رهندي.
نادرا طرفان ان دوران متبادل انتظامن تحت ڄاڻايل سينٽر ٻاهران موبائل رجسٽريشن وين مقرر ڪئي وئي آهي.
شهري مقرر وقت دوران نادرا وين تي وڃي خدمتن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
You might also like