آپريشن غضب للحق، مارجي ويل افغان طالبان جو انگ 435 ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان مان دهشتگردي ۽ جارحيت جو جواب ڏيڻ لاءِ آپريشن غضب للحق جاري آهي.
اطلاعات واري وزير عطاءُ الله تارڙ آپريشن بابت تفصيل ايڪس تي جاري ڪيا، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪ فوج جي حملن ۾ 435 افغان طالبان مارجي ويا ۽ 630 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
هن ٻڌايو ته آپريشن دوران 188 پوسٽون تباهه ۽ 31 تي قبضو ڪيو ويو، 188 ٽينڪون، هٿيار بردار گاڏيون ۽ آرٽلري گنز تباهه ٿيا ويا، پاڪ فضائيا افغان طالبان رجيم جي 51 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.