اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ تيل اگهن کي ڏسندي جائزي لاءِ 18 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب ڪميٽي جو ڪنوينر هوندو.
ڪميٽي ۾ پيٽروليم وزير، توانائي وارو وزير، ناڻي وارو مملڪتي وزير، مختلف وزارتن جا سيڪريٽري، اسٽيٽ بينڪ گورنر، ايف بي آر چيئرمين، اوگرا چيئرمين ۽ ٻيون اختياريون شامل هونديون.
نوٽيفڪيشن موجب ڪميٽي جنگ سبب پاڪستان جي معيشت جو جائزو وٺندي ۽ تيل جي فراهمي ۽ اگهن تي مسلسل نظر رکندي.
ڪميتي تيل فراهمي متاثر نه ٿيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪندي ۽ ڊگهي جنگ جي صورت ۾ معاشي اثرن جو به جائزو وٺندي.
You might also like