هڪ ٽي بي اسٽوريج، 16 بي جي ريم، اي آءِ خاصيتون، باقي ڇا کپي: سام سنگ گيليسڪي ايس 26 سيريز پاڪستان ۾ متعارف

سام سنگ پاڪستان ۾ پنهنجي نئين فليگ شپ گيليسڪي ايس 26 سيريز باضابطا طور متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ 3 ماڊلز گيليڪسي ايس 26، ايس 26 پلس ۽ ايس 26 الٽرا شامل آهن.
ڪمپني موجب اها سيريز هيل تائين جي سڀ کان جديد اي آءِ پاورڊ سمارٽ فون رينج آهي، جنهن ۾ اپ گريڊ ٿيل ڪيمرا سسٽمز، پرائيويسي فيچرز، هٿرادو ڏاهپ جون خاصيتون ۽ پريميم بلڊ شامل آهن.
گيليڪسي ايس 26 الٽرا سڀ کان اعليٰ ماڊل آهي، جنهن ۾ هڪ ٽي بي اسٽوريج ۽ 16 جي بي ريم جي اعليٰ ڪنفيگريشن دستياب آهي.
گيليڪسي ايس 26 الٽرا جي قيمت 4 لک 24 هزار 999 رپين کان شروع ٿئي ٿي، ايس 26 پلس جي قيمت 3 لک 34 هزار 999 کان شروع ٿئي ٿي، جڏهن ته ايس 26 جي قيمت 2 لک 99 هزار 999 رپين کان شروع ٿئي ٿي.
اهي اگهه ايس 26 سيريز کي پاڪستان ۾ الٽرا پريميم سمارٽ فونز جي زمري ۾ رکن ٿيون، فونز ڪجهه ڏينهن ۾ سرڪاري ريٽيل اسٽورز ۽ آن لائن چينلز تي دستياب هونديون ۽ پري آرڊر به جلد شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.