پاليڪيلي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ سپر ايٽ جي اهم ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم پاڪستان کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاليڪيلي ۾ پاڪستان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان صاحبزادا فرحان 63 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته بابر اعظم ۽ فخر زمان 25-25، شاداب خان 23 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ جي ليام ڊاسن 3، آرچر ۽ اوورٽن 2-2، جڏهن ته عادل رشيد هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ انگلينڊ گهربل هدف 8 وڪيٽن جي نقصان تي 5 بال اڳ ۾ حاصل ڪري ورتو.
انگلينڊ طرفان ڪپتان هيري بروڪ 100 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ول جيڪس 28، سيم ڪرن 16 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان شاهين آفريدي 4، محمد نواز ۽ عثمان طارق 2-2 وڪيٽون ورتيون.
انگلينڊ هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ ڏکيو ٿي ويو.
بروڪ جي شاندار سينچري، انگلينڊ 2 وڪيٽن تان ڪامياب، پاڪستان جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ ڏکيو
You might also like