سوشل ميڊيا تي راولپنڊي جي 60 ورهين جي حڪيم بابر جي شادي جي وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.
وڊيو سان گڏ جاري ڪيپشن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حڪيم بابر ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي آهي.
اها وڊيو سوشل ميڊيا تي مختلف اڪائونٽن تان شيئر ڪئي پئي وڃي، جنهن تي واهپيدار مليل جليل ردعمل ڏئي رهيا آهن.
ڪيپشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته رشتي جو بنياد نيت جي سچائي ۽ ان جي قانوني ۽ شرعي حيثيت تي هوندو آهي ۽ ٻئي ان فيصلي تي خوش آهن.
وڊيو ۾ ڪنوار خوش نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته گهر ڀاتي به خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
ان وڊيو تي ڪيترن ئي واهپيدارن راءِ ڏني ته معاشري ۾ نڪاح کي آسان بڻايو وڃي، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن نئين جوڙي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
Prev Post
You might also like