ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رياض کان اسلام آباد ويندڙ نجي ايئر لائن جي اڏام ۾ هڪ مسافر جي طبعيت اوچتو بگڙي وئي، جنهن سبب جهاز ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي.
پي اي اي اختيارين موجب مسافر جي طبعيت ايران جي فضائي حدن ۾ خراب ٿي، جنهن تي پائلٽ فوري طور ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ڪراچي کان ايمرجنسي لينڊنگ جي اجازت طلب ڪئي.
ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر کان اجازت ملڻ تي جهاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊنگ ڪرائي وئي ۽ مسافر کي فوري طور طبي امداد ڏني وئي.
You might also like