سخت فوجي دٻاءَ باوجود ايران نه جُهڪيو، ٽرمپ مايوس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران جي چوڌري وڏي فوجي ۽ بحري طاقت جمع ڪرڻ باوجود ايران طرفان هٿيار ڦٽا نه ڪرڻ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مايوس ٿي ويو.
آمريڪي صدر جي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف هڪ انٽرويو ۾ اعتراف ڪيو ته ٽرمپ کانئس سوال ڪيو ته ايڏي دٻاءَ ۽ بحري طاقت جي موجودگي باوجود ايران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان ڇو نه پيو ڪري.
اسٽيو وٽڪوف موجب صدر ٽرمپ پڇاڻو ڪيو ته ايران اهو ڇو نٿو چئي ته ان کي هٿيار نه کپن، جيتوڻيڪ آمريڪا خطي ۾ پنهنجي عسڪري موجودگي وڌائي چڪو آهي.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالهين جا ٻه دور ٿي چڪا آهن پر ڪا هاڪاري اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.