ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور شوبز شخصيت عليزي شاهه رمضان المبارڪ ۾ پنهنجي روحاني بحالي جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو.
انسٽاگرام پوسٽ ۾ عليزي شاهه لکيو ته گذريل سال مان تڪليفون ڏٺيون ۽ پاڻ کي الله کان پري محسوس ڪري رهي هيس، ڪڏهن ڪڏهن لڳندو هو ته اونداهي منهنجي ايمان کان وڌي وئي آهي پر هن سال، خاص طور رمضان جي مقدس مهيني ۾ مان پنهنجي زندگي تبديل ڪرڻ ۽ الله ڏانهن موٽڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
هن چيو ته مان الله کان معافي گهرڻ، دل کي نرم ڪرڻ ۽ سڀني کي معاف ڪرڻ جي چونڊ ڪري رهي آهيان ته جيئن روح کي سڪون ملي سگهي.
واضح رهي ته عليزي شاهه جا شوبز شخصيتن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن سان اختلاف سامهون آيا هئا پر هاڻ هن انهن معاملن کي پوئتي ڇڏڻ جو اشارو ڏنو آهي.
You might also like