”ٽي از فنٽاسٽڪ“ اڀينندن پاڪستاني ريسٽورنٽ ۾ چانهه پيش ڪرڻ لڳو

ڀارتي فائٽر پائلٽ ونگ ڪمانڊر اڀينندن ورٿمن جو مشهور جملو ”ٽي از فنٽاسٽڪ“ هاڻ رڳو سوشل ميڊيا تائين محدود ناهي رهيو پر لاهور جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ روبوٽ طرفان گراهڪن کي چانهه پيش ڪندي به چيو پيو وڃي.
27 فيبروري 2019 ۾ پاڪستاني حدن ۾ ڀارتي پائلٽ جي گرفتاري کانپوءِ چانهه جي ڪوپ سان گڏ چيل جملو ”ٽي از فنٽاسٽڪ“ وائرل ٿيو ۽ هيش ٽيگ طور ڪيترائي ڏينهن بحث هيٺ رهيو.
هاڻ ريسٽورنٽ ۾ اهو جملو روبوٽ جي واتان ٻڌي ڪيترائي واهپيدار کلڻ تي مجبور ٿي پيا، جڏهن ته چانهه جي ڪوپ سان گڏ اڀينندن جي تصوير به روبوٽ تي نظر اچي رهي هئي.
واهپيدارن ان آئيڊيا کي نه رڳو دلچسپ به شرارتي به قرار ڏنو، ڪجهه چيو ته ”ڀارتي واقعي اسان جي چانهه جا ديوانا آهن“.
هڪ واهپيدار مزاحيا انداز ۾ چيو ته ”مان ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ائين ٿي سگهي ٿو“.
واضح رهي ته ڀارت 26 فيبروري 2019 ۾ فضائي ڪارروائي دوران بالاڪوٽ ۾ بمباري ڪئي هئي، هڪ ڏينهن کانپوءِ پاڪستان آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ دوران پنهنجي فضائي حدن ۾ ڀارتي جنگي جهاز ڪيرايو هو ۽ ونگ ڪمانڊر اڀينندن کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ٻن ڏينهن کانپوءِ خير سگالي تحت کيس ڀارت حوالي ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.