اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ هٿرادو ڏاهپ جي مختلف شعبن ۾ ڀرپور شموليت کانپوءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اي آءِ کي باقاعدي اعليٰ تعليمي نصاب جو حصو بڻائيندي اهم ترين هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
حڪومتي نگراني هيٺ هلندڙ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر بابت يونيورسٽين جي سربراهن جي نالي جاري ڪيل خط ۾ ايڇ اي سي اي آءِ جي نصاب ۾ شموليت لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪيون آهن، جنهن کانپوءِ ايڇ اي سي سڀني ڊگري پروگرامن ۾ هٿرادو ڏاهپ تي لازمي 3 ڪريڊٽ ڪلاڪن جي ڪورس جي شموليت جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
هٿرادو ڏاهپ ڪورس سال 2026 جي تعليمي سيشن سان سڀني ڊگري پروگرامن ۾ لازمي طور متعارف ڪرايو ويو آهي، ان حوالي سان ايڇ اي سي طرفان سڄي ملڪ جي سرڪاري ۽ نجي شعبي جي اعليٰ تعليمي ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
ايڇ اي سي طرفان يونيورسٽين کي جاري ڪيل خط موجب هر انڊر گريجويٽ ۽ پوسٽ گريجويٽ ڊگري پروگرام ۾ هٿرادو ڏاهپ تي لازمي 3 ڪريڊٽ آور جو ڪورس شامل هوندو، جنهن کي اختياري مضمون طور يا عالمي شعبن واري ڪورس يا پروگرام ۾ شامل مددگار مضمون طور پڙهايو ويندو.
نصاب ۾ اي آءِ جو انضمام رڳو واڌ نه پر وقت جي ضرورت آهي، 21هين صدي جي تيزي سان تبديل ٿيندڙ منظر نامي ۾ هٿرادو ڏاهپ هڪ انقلابي قوت طور اڀري آهي.
هٿرادو ڏاهپ جي تعليم کي نصاب ۾ شامل ڪري شاگردن کي پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ انهن ٽولز جي اثرائتي استعمال جي قابل بڻائڻ آهي.
ايڇ اي سي وائس چانسلرز، ريڪٽرز ۽ سڀني سرڪاري ۽ نجي يونيورسٽين جي سربراهن کي ان حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايڇ اي سي هٿرادو ڏاهپ کي اعليٰ تعليمي نصاب جو لازمي حصو بڻائي ڇڏيو، اهم هدايتون جاري
You might also like