اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان غزا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو پر اسان حماس کي هٿيار ڇڏرائڻ ۾ شامل نه ٿينداسين.
هتفيوار بريفنگ ڏيندي طاهر حسين اندرابي چيو ته وزيراعظم نيو يارڪ ۾ موجود آهي، جيڪو ٽرمپ جي دعوت تي آمريڪا جي دوري تي آهي، وزيراعظم غزا بورڊ آف پيس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، گڏوگڏ اهم آمريڪي اختيارين سان ملاقات جو به امڪان آهي.
هن چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار به نيو يارڪ ۾ موجود آهي، نائب وزيراعظم فلسطيني مستقل نمائندي ۽ مصري پرڏيهي وزير سان به ملاقات ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان غزا ۾ رڳو امن جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪندو، بورڊ آف پيس سان اميدون جڙيل آهن، جنهن سان غزا جي صورتحال بهتر ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ڪنهن گروپ يا تنظيم خلاف ڪنهن فيصلي جو حصو نه بڻجندو.
ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم واضح ڪيو آهي ته اسان امن عمل ۾ شريڪ ٿينداسين پر حماس کي هٿيار ڇڏرائڻ ۾ شامل نه ڏينداسين، اميد ته غزا بورڊ آف پيس غزا جي عوام جون تڪليفون گهٽائيندو.
پاڪستان غزا ۾ امن لاءِ ڪردار ادا ڪندو، حماس کي هٿيار ڇڏرائڻ ۾ شامل نه ٿينداسين: پرڏيهي ترجمان
You might also like