ٽيلر سوئفٽ هڪ ڀيرو ٻيهر سال جي بهترين گلوڪارا قرار، پنهنجو ئي رڪارڊ چٽ ڪري ڇڏيائين

لاس اينجلس(ويب ڊيسڪ) مشهور آمريڪي گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ کي هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي سڀ کان مشهور گلوڪارا قرار ڏنو ويو آهي، اهڙي طرح هن مسلسل ڪاميابي حاصل ڪندي پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، 36 ورهين جي گلوڪارا عالمي سطح تي موسيقي جو جائزو وٺندڙ اداري آءِ ايف پي آءِ طرفان لاڳيتو ڇهون ڀيرو مشهور گلوڪارا جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو.
ان کان اڳ به هوءَ 2014، 2019، 2022، 2023 ۽ 2024 ۾ به اهڙو اعزاز ماڻي چڪي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، 2020 ۽ 2021 ۾ ڪورين موسيقي بينڊ بي ٽي ايس اِهو اعزاز حاصل ڪيو هو، سال 2025 ۾ ٽيلر سوئفٽ پهرئين نمبر تي رهي جڏهن ته فهرست ۾ ٻين فنڪارن جو به نالو شامل آهي، جنهن ۾ ليڊي گاگا، سبرينا ڪارپينٽر ۽ بلي ايلش سميت ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.