نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ جادو ڪرڻ جي الزام ۾ عورت کي هڪ سال جي ٻار سوڌو جيئرو ساڙيو ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب جهارکنڊ رياست جي اولهه ضلعي سنگهه ڀوم ۾ هڪ 32 ورهين جي عورت ۽ سندس ٻار کي باهه ڏني وئي.
پوليس ٻڌايو ته ڪمار ڊنگي پوليس اسٽيشن جي علائقي جي هڪ ڳوٺ ۾ رات دير سان متاثر عورت جي گهر ٻاهران ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ دانهون ڪرڻ لڳا.
پوليس موجب متاثر عورت جي مڙس جڏهن گهر ٻاهران نڪري ڏٺو ته ماڻهن حملو ڪري ڏنو ۽ عورت ۽ ان جي هڪ سال جي ٻار تي گاسليٽ هاري باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سبب ٻئي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.
حملي ۾ عورت جو مڙس به زخمي ٿيو، جنهن ايندڙ ڏينهن پوليس وٽ واقعي جي شڪايت داخل ڪرائي.
پوليس ٻڌايو ته مڙس جي شڪايت تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، عورت تي جادو ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو هو، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like