ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 38 ميچ ۾زمبابوي ميزبان سريلنڪا کي آئوٽ ڪلاس ڪندي وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪولمبو جي آر پريماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ۾ کيڏيل گروپ بي جي مقابلي ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
سريلنڪا مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنسون ٺاهيون، اوپنر پاٿُم نِسَنڪا 62 ۽ رتنائڪي 44 رنسن سان نمايان رهيا.
جواب ۾ زمبابوي 179 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
زمبابوي طرفان برائن بينيٽ 63 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ماروماني 34، ريان برل 23 ۽ ڪپتان سڪندر رضا 45 رنسون ٺاهيون، جنهن کي کيس ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
اهڙي ريت زمبابوي پنهنجي گروپ ۾ ناقابلِ شڪست رهي 7 پوائنٽن سان ٽاپ ڪيو.
زمبابوي 4 مان 3 ميچون کٽيون، آسٽريليا ۽ سريلنڪا کي شڪست ڏني، جڏهن ته هڪ ميچ برسات سبب رد ٿي وئي.
واضح رهي ته گروپ بي مان سريلنڪا ۽ زمبابوي جون ٽيمون اڳ ئي سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.