دبئي /حيدرآباد (پ ر) دبئي ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي اڳوڻي چيئرپرسن ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي اڳوڻي چيئرمين سنڌي ٻولي جي ماهر ڊاڪٽر فهميده حسين پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو ۽ نامياري ليکڪا، ڊرامانگار نورالھديٰ شاھ جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو،آجياڻي ۾ دبئي ۾ رهندڙ سنڌي انجنئيرن، ڊاڪٽرن، آئي ٽي ماهرن سوڌو سنڌ مان آيل آئيني ۽ قانوني ماهر ايڊووڪيٽ ساحر اياز لطيف پليجو شرڪت ڪئي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ مزاحمت جو جذبو پيدا ڪرڻو آآهي، مزاحمت جو جذبو ايندو، فن سان، شاعري سان، علم سان، ادب سان، سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن کي زنده رهڻو آهي ۽ ڳاٽ اوچو ڪري رهڻو آهي ته انهن کي سائنس سان ۽ سياست سان ڳنڍڻو پوندو، سنڌ جي هر ڊويزن ۾ هڪڙي اهڙي يونيورسٽي کپي جتي سائنس جي حقيقي تعليم هجي، تحقيق ۽ ريسرچ هجي، سنڌ حڪومت سموري سنڌ ۾ وڻ وڍرائي ڇڏيا آهن، پاڻي وڪڻي ڇڏيو آهي، زرعي زمينن کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڏن شهرن ۾ رڳو گٽرن جو اٿليل پاڻي آهي، گندگي ۽ عذاب آهي، بک ۽ بيروزگاري آهي، سنڌ جا ساڃاھ وند آواز اٿارين ته سنڌ پبلڪ سرورس ڪميشن جون نوڪريون مريٽ تي ملڻ گهرجن، نورالهديٰ شاھ ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جو عوام هاڻي آهستي آهستي پنهنجي حقن جي باري ۾ آگاھ ٿئي پيو ۽ اڳتي نڪري پيو، پر اڃان وڌيڪ علم جي ۽ وڌيڪ ادب جي ڄاڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جو نوجوان ميريٽ ۾ يقين ڪري اڳتي نڪرندو ته هن لاءِ دروازا کليل هوندا، سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم پاڻ سڀني جي ذميداري آهي، ان لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.