لاهور(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي پنجاب حڪومت پاران 11 ارب رپين جو لگزري جهاز خريد ڪرڻ تي تنقيد جو سلسلو جاري آهي،ايڪس(ٽوئيٽر) تي احمد وڙائچ لکيو ته اصل ۾ خريد ڪيل جهاز Gulfstream GVII-G500 آهي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ 19 ماڻهو سفر ڪري سگهن ٿا۔ ڇا پنجاب حڪومت 19 ماڻهن لاءِ ڪمرشل جهاز هلائيندي؟ اهو ته ڪافي انوکو ۽ نرالو بزنس ماڊل لڳي ٿو.ناڻي واري اڳوڻي صلاحڪار مزمل اسلم لکيو ته ايئر پنجاب 19 ماڻهن واري جهاز خريد ڪري رهيو آهي، جڏهن ته صوبي جي آبادي 13 ڪروڙ آهي۔ جيڪڏهن مقابلو ڪجي ته 9 ميٽر جي بس ۾ به لڳ ڀڳ 50 سيٽون هونديون آهن۔19سيٽن وارو جهاز 1100 ڪروڙ رپين جو آهي، يعني هر مسافر لڳ ڀڳ 58 ڪروڙ رپين جو پوندو۔ جڏهن ته سار سنڀال، عملو ۽ ٻارڻ جا خرچ الڳ هوندا۔ هن وڌيڪ لکيو ته هڪ طرف پي آءِ اي جو 75 سيڪڙو حصو شهبازشريف 10 ارب رپين ۾ وڪڻي ڇڏيو، ۽ ٻي طرف انهن جي ئي پنجاب جي صوبائي حڪومت 19 سيٽن وارو جهاز 11 ارب رپين ۾ خريد ڪري ورتو۔اهڙي هوندي آهي گورننس،مير محمد علي خان لکيو ته ڇا هي سچ آهي؟پنجاب حڪومت اقتدار ۾ ويٺل ماڻهن جي سفر لاءِ 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪيو آهي،جيڪڏهن هي سچ آهي ته حڪمرانن کي شرم کان ڪنڌ جهڪائڻ گهرجي، ڇو ته هن غريب ملڪ تي اهو ظلم ٿي رهيو آهي،صحافي عامر ضيا لکيو ته ڪجهه سياسي خاندان پاڪستان کي پنهنجي جاگير وانگر هلائي رهيا آهن۔، هن غريب ملڪ جو عوامي پئسو سندن انا کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ضايع ڪيو پيو وڃي،انهن لاءِ عيش عشرت وارا جهاز خريد ڪرڻ، لگزري گاڏيون وٺڻ، ايئرپورٽن جي اسٽيٽ لائونج جي مرمت ڪرائڻ ۽ سندن اشتهاري ۽ پروپيگنڊا مهمون هلائڻ تي خرچ ڪيو پيو وڃي۔ افسوس!صحافي ثناءُ الله خان لکيو ته ڪمال ٿي ويو آهي، آخر گلف اسٽريم جيٽ جهاز ڪڏهن کان ڪمرشل ٿي ويا؟ دنيا جا سڀ کان امير ماڻهو اهڙا جهاز پنهنجي ذاتي استعمال لاءِ رکندا آهن،سعيد بلوچ لکيو ته انهن ذهين دماغن کان سوال ٿيڻ گهرجي ته پي آءِ اي توهان کان نه هلي سگهي، وفاق ان جو بار کڻي نه سگهيو، ان جي نجڪاري ڪئي وئي، ۽ هاڻي پنجاب اندر ايئرلائن هلائڻ چاهيو ٿا،هن چيو ته جيڪا ڪاريگري توهان پنجاب ۾ ڏيکارڻ چاهيو ٿا، اها وفاقي سطح تي ڇو نه ڏيکاري وئي؟ هي ن ليگ وارا هڪ ٻئي کي ڪاميابي جا فارمولا ڇو نٿا ٻڌائين؟ هڪ ٻئي سان سڙن ڇو ٿا؟هن چيو ته نوازشريف ترقي جو فارمولو ان وقت کان کيسي ۾ وجهي ويٺو آهي سڄي دنيا ۾ سندس ڀاءُ دربدر ٿي رهيو آهي، پر کيس ترقي ۽ خوشحالي جو فارمولو نٿو ڏئي۔ عجيب خاندان آهي پي ٽي آءِ جي سرڪاري اڪائونٽ تي لکيو ويو ته هڪ ئي جهاز لاءِ عوامي پئسي جي وڏي استعمال جو مڪمل بي معنيٰ وضاحت آهي۔پنجاب جي غيرقانوني حڪومت اختيار ۽ عوامي پئسو غلط استعمال ڪري رهي آهي، ۽ ان بابت صريح ڪوڙ ڳالهائي رهي آهي!
ملڪ ۾ 45 سيڪڙو غربت،حڪمرانن جا شاهي خرچ برقرار
اسلام آباد(امتياز گل) نوجوان صحافي سهراب برڪت کي پيڪا قانون تحت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پنجاب جي وزيراعليٰ لاءِ هڪ نئون 11 ارب رپين جو گلِف اسٽريم ايئرواسپيس جيٽ خريد ڪيو ويو آهي، جنهن سان هو آسانيءَ سان سفر ڪري سگهي ٿي. پاڪستان جي وڏي اڪثريت غريب آهي، 45 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، جڏهن ته پنجاب جي حڪومت اهڙا مهانگا خرچ ڪري رهي آهي، نوان پائلٽ ڀرتي ٿي رهيا آهن، ۽ نين قسمن جون گاڏيون ۽ حفاظتي گاڏيون پڻ خريد ڪيون پيون وڃن. اهو سڀ عوام جي غربت ۽ مهانگائي جي دوران ٿئي ٿو، جڏهن 24 سيڪڙو ماڻهو مشڪل سان روزانو ٻه وقت جي ماني لاءِ پريشان آهي،انهيءَ صورتحال ۾ ملڪ جو سياسي خاندان پنهنجي ذاتي فائدي لاءِ عوام جو پئسو برباد ڪري رهيو آهي، ۽ اقتصادي بحران جي باوجود اهي شاهي زندگي گذارڻ ۾ مشغول آهن، جڏهن ته عوام کي روزمره جي ضرورتن ۽ مهانگائي سان وڙهڻو پوي ٿو
حڪومت رڳو عوام کان قرباني وٺي رهي آهي:مفتاح اسماعيل
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته حڪومت عوام کي چئي رهي آهي “قرباني ڏيو، قرباني ڏيو”، جڏهن ته ٻي پاسي ايم اين ايز کي 43 ارب رپيا ڏنا ويا، هن چيو ته پنجاب حڪومت 11 ارب رپين جو جهاز خريد ڪيو، اڳ ۾ ئي پنجاب حڪومت وٽ هڪ جهاز موجود هو، ۽ هاڻي پلنگ ۽ صوفا سان گڏ نئون جهاز خريد ڪيو ويو.هن چيو ته پنجاب جي حڪمرانن پنهنجي آساني لاءِ اهو مهانگو جهاز خريد ڪيو آهي،
ايئر پنجاب لاءِ هڪ جهاز ورتو آهي:عظميٰ بخاري
لاهور(بيورو) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ايئر پنجاب لاءِ مختلف جهاز خريد ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪجهه ليز تي ورتا ويندا۔ جيڪو هڪ جهاز هاڻي ورتو ويو آهي، اهو به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهي، پر مفتاح اسماعيل کي اڌوري ڳاله ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي ڊي جي پي آر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران ڪنهن کي به مهانگائي يا ناجائز اگهن تي وڪرو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ حڪومت قيمتن تي سختي سان عمل ڪرائيندي۔هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي واعدي مطابق حقدار ماڻهن کي سندن حق گهر جي دروازي تي فراهم ڪيو پيو وڃي۔ نگهبان رمضان پيڪيج تحت 40 لک کان وڌيڪ خاندانن کي في خاندان 10 هزار رپيا ڏنا پيا وڃن ۽ نگهبان رمضان ڪارڊ گهرن تائين پهچايا پيا وڃن۔هن ٻڌايو ته 10 مارچ تائين سڀني حقدار خاندانن کي ڪارڊ پهچائڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪارڊ تي نه ڪو چارج آهي ۽ نه ئي ڪنهن قسم جو پن ڪوڊ رکيو ويو آهي۔عظميٰ بخاري چيو ته هر تعلقي ۾ “مريم جا مهمان دسترخوان” تحت روزانو ٻه هزار ماڻهن کي افطاري ڪرائي ويندي ۽ مخير حضرات کي حڪومت طرفان مڪمل سهڪار فراهم ڪيو ويندو۔