ٻه ڀيرا ڊيل جي ڪوشش ٿي،عمران خان انڪار ڪيو:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وزیراعظم شہباز شریف جي سياسي معاملن جي صلاحڪار راڻا ثناءالله چيو آهي ته 26 نومبر 2024 تي احتجاج کان اڳ پي ٽي آءِ کي آڇ ڪئي وئي هئي ته هو سنگجاني ۾ ويهن، حڪومت ان سان اتي ڳالهين ڪندي، پر پوءِ پي ٽي آءِ يا عمران خان هن ڳالهه کان پوئتي هٽي ويا، عمران خان چيو ته هو جيل کان ٻاهر نه ايندو.نجی ٽي وي سان ڳالهائيندي  هن چيو ته  عمران خان سان ڊيل جون ٻه ڀيرا سنجيده ڪوششون ٿي چڪيون آهن، عمران خان ڪنهن ڊيل لاءِ تيار ناهي، علي امين گنڊاپور محسن نقوي جي ڪوششن جو ذڪر ڪيو، پر لفظن جو چونڊ درست نه  هئي،هن چيو ته  جڏهن پي ٽي آءِ جو 26 نومبر 2024 وارو ڌرڻو هلي رهيو هو، ته انهي وقت پي ٽي آءِ جي هڪ ايم پي اي واپڊا آفيسن تي حملو ڪيو، جتي عملي کي به ماريو ۽ پاڻ ئي بجلي بند ڪري ڇڏي. انهي واقعي تي وفاقي سطح تي فيصلو ٿيو ته هن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ذميوار گرفتار ڪيا وڃن،هن چيو ته عمران خان هٺ ڌرمي تي بيٺو آهي،هو ڪو رستو نٿو ڪڍڻ چاهي،هن جا شرط به ڪنهن لاءِ قابل قبول ناهن،هو چوي ٿو ته توهان منهنجي جاءِ تي اچو،مان توهان جي جاءِ تي اچي وڃان ٿو،هن کي نظر اچي وڃي ته انقلاب پري پري تائين نظر نه پيو اچي ته پوءِ ڪو رستو نڪري سگهي ٿو،هن چيو ته  ڊيل جي پهرين ڪوشش علي امين گنڊاپور۽  محسن نقوي ڪئي ٻي ڪوشش ٻاهرين ملڪ کان آيل ڪجهه سنجيده ماڻهن ڪئيهن وڌيڪ چيو ته ليڊرشپ اها ناهي ته هڪ جماعت جو چيئرمين بڻجي وڃي، ليڊر اهو آهي جيڪو صحيح وقت تي صحيح فيصلو ڪري. پي ٽي آءِ کي انهي وقت صحيح فيصلو ڪرڻ گهرجي ها. عمران خان کي غلط ٻڌايو پيو وڃي ته سڄو ملڪ رستن تي نڪري رهيو آهي، عوام اسلام آباد جو گهيرو ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ٻئي طرف مشورو ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ محسن نقوي شامل هئا ته توهان اهڙو نه ڪريو، محسن نقوي چيو ته توهان سنگجاني ويهو، جتي اسان توهان سان ڳالهائينداسين، ڊي چوک نه وڃو،هن چيو ته عمران خان پهريان ان ڳالهه سان متفق ٿيو، پر بعد ۾ پنهنجي ڳالهه کان مڪرجي ويو، ۽ فيصلو بشريٰ بي بي ڪرڻو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.