عمران جي اکين جي بهتري جي اميد آهي: راجا ناصر عباس

 اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ ان جي اتحادي پارٽين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي صحت تي پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ   پارليامينٽ ۾ ڌرڻو ڇڏي سپريم ڪورٽ پهچي ويا هئا ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان لاڳاپيل ڪيسن جي ٻڌڻي ۾ شرڪت لاءِ سپريم ڪورٽ پهچي ويا هئا. ان موقعي تي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ناصر عباس ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي پڻ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهايو.  اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي راجا ناصر عباس چيو ته اسيمبلي ميمبرن عمران خان جي صحت جي حوالي سان احتجاج ڪيو، اسان صحت جي معاملي  کي عدالت کڻي وياسين اسان جو مطالبو اهوئي هو ته باني  کي ذاتي معالجن سان ملايو وڃي. هن چيو ته اسان ڏٺو ته پارليامينٽ کي جيل خانو ٺاهيو ويو هو، اسان پارليامينٽ کان ٻاهر وڃي رهيا هئاسين ته رستا بند ڪيا ويا. پارليامينٽ  ۾ احتجاج دوران اسان تي تمام گهڻيون بندشون لڳايون ويون. عمران خان جي اک بابت خبر آئي ته محمود اچڪزئي چيو ته اسان بک هڙتال ڪنداسين اسان انهي لاءِ احتجاج ڪيو ته ذاتي معالجن کي باني تائين پهچ ڏني وڃي. سينيٽ ۾ اپوزيشن اڳواڻ جو چوڻ هو ته ڀينرن جا جذبا  پنهنجي جڳهه تي صحيح آهن، انهن کي ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، عمران خان جي اکين جي بهتري جي اميد آهي، انهي کي شفا انٽرنيشنل منتقل ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.