اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سحري ۽ افطاري وقت سڄي ملڪ ۾ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسلام آباد ۾ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته سحري ۽ افطاري وقت سڄي ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪٿي لوڊشيڊنگ ٿئي ته شهري 118 تي شڪايت داخل ڪرائين.
هن چيو ته نقصان وارن فيڊرن تي به سحري ۽ افطاري وقت لوڊشيڊنگ نه ٿيندي.
علي پرويز ملڪ چيو ته صبح 3 وڳي کان رات ساڍي ڏهين وڳي تائين گيس فراهم ڪئي ويندي، گيس جي واڌو فراهمي جو انتظام ڪيو ويو آهي، گيس جي عدم فراهمي تي 1199 تي شڪايت داخل ڪرايو.
You might also like