رمضان کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدارن لاءِ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ کان اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حقدارن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد رمضان المبارڪ کان اڳ مالي امداد جي رقم ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت سڄي ملڪ جي هڪ ڪروڙ حقدار خاندانن کي ڀرپور مالي امداد فراهم ڪئي ويندي.
روبينا خالد چيو ته ٽن مهينن جو وظيفو 13 هزار 500 مان وڌائي 14 هزار 500 ڪيو ويندو، جنهن جي ادائيگي رمضان ۾ ڪئي ويندي.
هن چيو ته بينظير ايجوڪيشن وظائف پروگرام لاءِ به 5 سئو رپيا وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، اهڙي ريت بينظير نشونما پروگرام لاءِ به 500 رپيا وڌايا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.