”رمضان خدا جي اڻ کٽ نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ جو وقت آهي“ ٽرمپ طرفان مسلمانن کي ڀلاري مهيني جون واڌايون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سڄي دنيا جي مسلمانن کي رمضان المبارڪ جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
رمضان المبارڪ جي آمد تي وائيٽ هائوس جي آفيشل ويب سائيٽ تي هڪ خاص پيغام جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن کي مبارڪباد ڏني وئي.
آمريڪي صدر چيو ته هر رمضان روحاني تجديد ۽ خدا جي اڻ کٽ نعمتن جو شڪر ادا ڪرڻ جو وقت هوندو آهي ۽ ڪيترن ئي آمريڪين لاءِ اهو مقدس وقت نماز ۽ روزي تي زور ڏيندو آهي.
هن چيو ته رمضان رشتن کي مضبوط بڻائي ٿو، آزادي سان عبادت ڪرڻ جو خدا جو ڏنل حق اسان جي قوم جي سڃاڻپ ۽ اسان جي خوشحالي ۽ طاقت جو ٿنڀ آهي، منهنجي انتظاميا ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته سمورا شهري پنهنجي عقيدن موجب آزادي سان عبادت ڪري سگهن، ڇو ته مذهبي آزادي جو مطلب اهو آهي ته پنهنجي مذهب تي ڪنهن به ظلم جي خوف بنا عمل ڪري سگهجي.
ٽرمپ چيو ته مان هن پروقار ۽ خير سگالي جي وقت سڄي دنيا ۾ خوشين، برڪتن، اتحاد ۽ امن جي قيام لاءِ دعاڳو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.