لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ شامل ڪيل نئين فرنچائز سيالڪوٽ اسٽيلينز بابت تڪرار سامهون اچي وياڌ، ٽورنامينٽ جو يارهون ايڊيشن شروع ٿيڻ کان اڳ ئي نئون پنڊورا باڪس کُلي ويو.
فرنچائز جي 76 سيڪڙو شيئرز جي قانوني مالڪ هئڻ جو دعويدار محمد شاهد الزام لڳايو آهي ته حمزا مجيد فرنچائز جا شيئر وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، کيس وڌيڪ شيئر وڪڻڻ جو حق ناهي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي معاملي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ قانوني ڪارروائي جو حق رکان ٿو.
محمد شاهد جو چوڻ آهي ته هن کي پتو پيو آهي ته ڀائيوار حمزا مجيد منهنجي اجازتکانسواءِ وڌيڪ شيئر وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مون ان عمل خلاف قانوني ڪارروائي جو حق حاصل آهي.
واضح رهي ته آسٽريليا ۾ رهندڙ ڪاروباري شخص محمد شاهد پنهنجي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ دعويٰ ڪندي چيو ته هو سيالڪوٽ اسٽيلينز جي 76 سيڪڙو شيئرز جو مالڪ آهي، جڏهن ته 24 سيڪڙو شيئرز رکندڙ حمزا مجيد مبينا طور وڌيڪ پئسن جي لالچ ۾ وڌيڪ ماڻهن کي مهانگي اگهه تي منهنجي حصي جا شيئر وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
محمد شاهد موجب هو 27 سالن کانپوءِ پاڪستان آيو آهي ۽ هتي وڏي سيڙپڪاري ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو، پر هو سمجهي ٿو ته ساڻس معاملا صحيح طريقي سان حل نه پيا ڪيا وڃن، حمزا مجيد جي سرگرمين جو منهنجا وڪيل ويجهڙائي کان جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ضرورت پوڻ تي ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ پي ايس ايل انتظاميا کي به صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته سيالڪوٽ اسٽيلينز ليگ جا حق او زيڊ ڊيولپرز کي هلندڙ سال 8 جنوري تي اسلام آباد ۾ پي سي بي طرفان ڪوٺايل نيلامي ۾ هڪ ارب 85 ڪروڙ رپين (اٽڪل 6.5 ڪروڙ ڊالر) ۾ وڪرو ڪيا ويا، سيالڪوٽ اسٽيلينز فرنچائز 23 مارچ کان 3 مئي 2026 تائين جاري رهندڙ پي ايس ايل سيزن 11 ۾ حصو وٺندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پنهنجي دور جي عظيم آل رائونڊر وسيم اڪرم کي فرنچائز جو صدر ۽ اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر سهيل تنوير کي بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي، سيالڪوٽ اسٽيلينز نيلامي واري تقريب کان اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽر اسٽيو سمٿ سان سڌي ريت معاهدو ڪيو هو ۽ سندس خدمتون 14 ڪروڙ رپين ۾ حاصل ڪيون هيون.
فرنچائز محمد نواز کي 6 ڪروڙ 16 لک، سلمان مرزا کي 3 ڪروڙ 94 لک، احمد دانيال کي 2 ڪروڙ 24 لک جڏهن ته سعد مسعود کي 84 لک رپين ۾ برقرار رکيو.
صاحبزادا فرحان کي 6 ڪروڙ 16 لک رپين ۾ خريد ڪيو ويو، پرڏيهي ڪرڪيٽر ايشٽن ٽرنر 4 ڪروڙ 20 لک، پيٽر سڊل 2 ڪروڙ 50 لک ۽ تبريز شمسي 2 ڪروڙ 20 لک رپين ۾ ٽيم جو حصو بڻيا.
ان کانسواءِ جهانزيب سلطان، لشلن شا ۽ ڊيانو پاٽگيٽر کي 60، 60 لک رپين ۾ خريد ڪيو ويو.
Prev Post
You might also like