سنڌ حڪومت جو اهم فيصلو، ڊرائيونگ لائسنس لاءِ پري لائسنس ٽريننگ لازمي قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ پري لائسنس ڊرائيونگ ٽريننگ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 50هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت جي ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ايڇ ٽي وي ۽ ايل ٽي وي ڊرائيور ٽريننگ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته پري لائسنس ڊرائيونگ ٽريننگ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته بنا تربيت جي لائسنس جاري نه ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ 5 سالن ۾ هڪ لک ڊرائيورن کي تربيت ۽ لائسنس ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.
مراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي عالمي معيار جي تربيت ڏئي ٻاهرئين ملڪ روزگار جا موقعا فراهم ڪنداسين.
ان کانسواءِ ماحولياتي سياحت ۽ ٻيلن جي تحفظ جي منصوبن جي به منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.