ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پروينا ديش پانڊي 60 ورهين جي عمر ۾ ڪينسر وگهي ديهانت ڪري وئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، پروينا ديش پانڊي بالي ووڊ جي ڪامياب فلمن ۾ اداڪاري ڪئي، هن سپورٽنگ ڪردارن ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اداڪارا ڪينسر ۾ مبتلا هئي ۽ پنهنجي آخري ساهه تائين ڪينسر سان جهڙيندي رهي.
اداڪارا جي وفات جي تصديق، پروينا مراٺي سئنما، ٽيليويزن، ٿيٽر ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمز تي وڏي پيماني تي ڪم ڪيو هو.
You might also like