گل پلازا سانحي بابت جڊيشل ڪميشن آڏو چيف فائر آفيسر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيف فائر آفيسر گل پلازا سانحي تي ٺهيل جڊيشل ڪميشن آڏو بيان ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پلازا جي بجلي بند نه ڪئي وڃي ها ۽ اعلان ڪيو وڃي ها ته انساني جانيون بچائي سگهجن پيون.
گل پلازا سانحي جي جاچ بابت ٺهيل جڊيشل ڪميشن جو اجلاس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊي جي ريسڪيو 1122 واجد صبغت الله ڪميشن آڏو پيش ٿيو.
جسٽس آغا فيصل پڇاڻو ڪيو ته ان رات ڇا ٿيو، ڪجهه ٻڌائيندئو؟ جنهن تي ڊي جي ريسڪيو ٻڌايو ته اسان کي رات 10 لڳي 35 منٽن تي گل پلازا ۾ باهه لڳڻ جو اطلاع مليو، 10 لڳي 52 منٽن تي فائر برگيڊ پهچي وئي هئي.
جڊيشل ڪميشن سوال ڪيو ته گل پلازا ۾ توهان باهه ڪيئن وسائي؟ جنهن تي واجد صبغت الله چيو ته اسان ڏاڪڻ ذريعي باهه وسائڻ شروع ڪئي جنهن جي وڊيو موجود آهي، ان کانپوءِ ڪي ايم سي جون فائر برگيڊ گاڏيون ۽ اسنارڪل پهتيون.
ڊي جي ريسڪيو 1122 جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ کي به بجلي بند ڪرڻ لاءِ چيو هو، جنهن تي ڪميشن پڇيو ته ڇا توهان بجلي بند ڪرڻ واري فيصلي ۾ شامل هئا؟ جنهن تي ٻڌايو ته هو ان فيصلي ۾ شامل نه هو.
سندس چوڻ هو ته جڏهن پهتاسين ته گرائونڊ تي باهه لڳل هئي، ٻي ۽ ٽين ماڙ تي موجود ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي، گرائونڊ کان اندر وڃڻ جو رستو نه هو، ميزانائن فلور کان به داخلي رستو نه هو.
عدالتي ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان وٽ گرل ڪٽڻ جا اوزار هئا؟ جنهن تي ڊي جي ريسڪيو چيو ته اسان وٽ اوزار هئا، دريون بند ۽ ڪجهه تي لوهي گرل لڳل هئي.
جسٽس آغا فيصل چيو ته متاثرن موجب باهه هيٺ هئي، جيڪڏهن ونڊو گرل ٽوڙي وڃي ها ته ماڻهن کي بچائي سگهجي پيو؟ جنهن تي ڊي جي واجد صبغت الله چيو ته گرائونڊ فلور کان ميزانائن ۽ فرسٽ فلور وارا سمجهي رهيا هئا ته باهه وسامي ويندي ته نڪري وينداسين جڏهن ته دڪاندار سامان ڪڍي رهيا هئا، پر اي سي ڊڪٽ ذريعي باهه ميزانائن ۽ فرسٽ فلور تائين پهچي وئي.
ڊي جي ريسڪيو جو چوڻ هو ته گل پلازا اندر قدرتي روشني جو ڪو بندوبست نه هو، دونهون ايترو هو جو موبائل فون جي ٽارچ سان ڪجهه به نظر نه پيو اچي، سوڙهن رستن سبب ماڻهو ڦاسي پيا هئا.
چيف فائر آفيسر ڪي ايم سي همايون خان ڪميشن کي ٻڌايو ته اسان کي 10 لڳي 26 منٽن تي اطلاع مليو، 15 فائر ٽينڊر، 2 اسنارڪل ۽ 3 باوزر روانا ڪيا ويا، ٽريفڪ جام سبب گاڏين کي پهچڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي، فائر ٽينڊر تي ڏاڪڻ لڳائي ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو، دريون ڪٽي 5 يا 6 ماڻهن جا لاش ڪڍيا، پهرين ۽ ٻي ماڙ جون ڏاڪڻيون بند هيون جنهن تي پهرين ۽ ٻي مار جون گرلون به ڪٽيون ويون.
ڪي ايم سي چيف فائر آفيسر جو چوڻ هو ته پلازا اندر سوناري جي دڪان مان ڪروڙين ماليت جو سون به هٿ آيو، صبح عمارت ۾ داخل ٿيڻ تي عمارت ڪري پئي جنهن سان هڪ فائر فائٽر شهيد ٿيو.
همايون خان چيو ته لائيٽ بند نه ٿئي ها يا ايمرجنسي لائيٽس هجن ها ته ايترو نقصان نه ٿئي ها، جنهن تي ڪميشن پڇيو ته ڇا توهان جا اوزار اطمينان جوڳي حالت ۾ آهن؟ چيف فائر آفيسر چيو ته اسان وٽ سڀ گاڏيون مڪمل فعال حالت ۾ آهن.
جڊيشل ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا باهه تي رڳو پاڻي استعمال ڪيو يا ڪو ڪيميڪل؟ جنهن تي چيف فائر آفيسر چيو ته ڪيميڪل جي باهه يا آئل ۾ لڳندڙ باهه تي فوم استعمال ڪيو ويندو آهي، گل پلازا ۾ فوم استعمال ڪرڻ جو ڪو فائدو نه ٿئي ها.
ڪميشن چيو ته وارثن ٻڌايو پاڻي جي کوٽ هئي، جنهن تي همايون خان چيو ته ريسڪيو 1122 ۽ نيوي جا فائر ٽينڊر فرنٽ سائيڊ تي ڪم ڪري رهيا هئا.
جسٽس آغا فيصل پڇيو ته پاڻي ٽينڪر کان اچي رهيو هو اهڙي صورتحال ۾ هائيڊرنٽ کان ڪيتري دير ۾ پهچي سگهي ٿو، ڇا فائر هائيڊرنٽ ناهن؟
ڪي ايم سي جي چيف فائر آفيسر ٻڌايو ته انگريزن جي دور ۾ فائر هائيڊرنٽ هوندا هئا، جيڪي ايم اي جناح روڊ تي فائر هائيڊرنٽ هوندا هئا، اسان پاڻي لاءِ واٽر ڪارپوريشن سان رابطو ڪندا آهيون.
ڪميشن سوال ڪيو ته ڇا هاڻي هڪ به فعال ناهي؟ جنهن تي چيف فائر آفيسر ٻڌايو ته فائر هائيڊرنٽ هاڻي موجود ئي ناهن، ماڻهن جي رش سبب ڏکيائيون ٿينديون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس آغا فيصل پڇيو ته پاڻي جي فراهمي مسلسل ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ شهر ۾ ٽريفڪ جي صورتحال آهي ڪيئن پهچندا آهيو؟ ڇا فائر برگيڊ جو عملو تربيت يافته آهي؟ فائر برگيڊ لاءِ ڪهڙو ميڪنزم آهي؟
چيف فائر آفيسر چيو ته فائر اڪيڊمي ۾ فائر فائٽرز ۽ وارڊنز کي تربيت ڏيندا آهيون، 30 سال اڳ فائر فائٽر لاءِ مڊل تعليم گهربل هوندي هئي، چيف فائر آفيسر لاءِ ميٽرڪ تعليم گهربل هوندي هئي.
ڪميشن پڇيو ته هاڻي ڪهڙي تعليم هئڻ گهرجي؟ توهان جي تعليم ڇا آهي؟ جنهن تي چيف فائر آفيسر چيو ته بي اي ڪئي آهي.
چيف فائر آفيسر چيو ته ماڻهن پائپ پنهنجن دڪانن ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي، 15 کان 20 منٽن بعد سيڪيورٽي اهلڪار پهتا، صدر فائر اسٽيشن، بولٽن فائر اسٽيشن کان به ٽيمون پهتيون، جنهن تي ڪميشن چيو مطلب 11 کان سوا 11 وڳي باوزر ڪنيڪٽ ڪري استعمال شروع ڪيو، همايون خان ٻڌايو ته ساڍي 11 وڳي باهه وسائڻ جو ڪم شروع ٿيو جڏهن ته ساڍي 12 بجي واٽر ڪارپوريشن جو ٽينڪر پهتو.
ڪميشن پڇيو ته موقعي تي پهچڻ کانپوءِ ڪيئن طئي ڪيو ويندو آهي ته ڪهڙي نوعيت جي باهه آهي يا ڪهڙو ميٽيريل استعمال ڪرڻو آهي؟ باهه لڳڻ جي سببن بابت ڪهڙي جاچ ڪئي آهي؟
عدالتي ڪميشن چيو ته باهه پاڻ نٿي لڳي يا ته لڳائي ويندي آهي يا غفلت هوندي آهي، دڪاندارن جي بيان موجب باهه جي شدت گهڻي هئي، 10 منٽن ۾ باهه پکڙجي وئي، دريون سرون هڻي بند ڪيون ويون هيون، فائر برگيڊ ڪٿي پاڻي هڻي رهي هئي؟
چيف فائر آفيسر چيو ته باهه جي شدت ايتري هئي جو روڊ تي به نه پيا بيهي سگهون، فائر فائٽر ان باوجود باهه جو مقابلو ڪندا آهن، رستا بار بار بند ڪيا ويا، مٿي وڃڻ جا رستا بند هئا، ٻي ماڙ کان هيٺ لهڻ جو رستو بند هو.
ڪميشن چيو ته اسنارڪل جي مدد سان مٿي وڃي سگهجي پيو، جنهن تي چيف فائر آفيسر ٻڌايو ته باهه جي شدت اهڙي هئي جو گرل ڳاڙهي ٿي رهي هئي.
ڪميشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا گرمي پد رڪارڊ ڪيو هو؟ جنهن تي همايون خان چيو ته پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٻڌائي رهيو آهيان گرمي پد هڪ هزار ڊگري کان وڌيڪ هو.
جسٽس آغا فيصل پڇيو ته باهه لڳڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟ جنهن تي چيف فائر آفيسر چيو ته اسان کي پتو ناهي، دڪانن ۾ فالس سيلنگ موجود هو جيڪو جلدي باهه پڪڙي ٿو، وينٽيليشن به هڪ سبب آهي.
ڪميشن سوال ڪيو ته باهه لڳڻ کانپوءِ فوري طور ڇا ڪرڻ گهربو هو؟ جنهن تي چيف فائر آفيسر چيو ته جيڪڏهن اعلان ڪيو وڃي ها ته چوڪيدار دروازا کولين ته ڪيترائي ماڻهو بچي سگهن پيا، لائيٽ بند نه ٿئي ها ۽ اعلان ٿئي ها ته انساني جانيون بچي سگهن پيون، جيڪڏهن اندر ماڻهو موجود هوندا آهن ته لائيٽ آف ناهي ڪئي ويندي، بجلي بند ڪرائڻ جو ڪم فائر برگيڊ طئي ڪندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.