لاهور(عمران شفقت )پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) عمران خان جي بيماري کي جواز بڻائي، پاڪستان اندر اهڙي بيچيني ۽ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ملڪ جي مختلف حصن ۾ محسوس ڪئي وئي. پر ان جي ڪوششن مان ڪوبه منصوبو ڪامياب ثابت نه ٿيو. خيبر پختونخوا ۾ جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اتي ٿورو ڪامياب ٿيا، پر اڃا تازو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي، جنهن ۾ آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته روڊن ۽ امن امان جي صورتحال جي رپورٽ پيش ڪن،ٻئي پاسي عمران خان جي علاج لاءِ محسن نقوي اهم ڪردار ادا ڪيو، هن وقت پي ٽي آءِ ٻن شخصيتن جي هٿان يرغمال آهي،هڪ عليمه خان ۽ ٻيو آمريڪا ۾ رهندڙ جبران الياس،جن عملي طور عمران خان کي بههاءِ جيڪ ڪري ورتو آهي،محسن نقوي ٻڌايو ته جڏهن محمود خان چڪزئي خط لکي چيو ته عمران خان جي صحت خراب آهي ۽ علاج ضروري آهي، ته حڪومت پي ٽي آءِ قيادت سان رابطي ۾ هئي. عليمه بي بي بار بار ويٽو ڪندي رڪاوٽ وجهندي رهي، جنهن سبب ميڊيڪل چيڪ اپ نه ٿي سگهيو. حڪومت عليمه بي بي جي مرضي موجب ڊاڪٽر ۽ اسپيشلسٽ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار هئي، پر عليمه بي بي انهن تي راضي نه ٿي. آخرڪار، ڊاڪٽرن جي ذريعي عمران خان جو چيڪ اپ ٿيو، جنهن بعد علاج بهتر طور تي شروع ٿيو.