راجپال يادَو تِهاڙ جيل مان آزاد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار راجپال يادَو کي چيڪ بائونس ڪيس ۾ ضمانت ملي وئي آهي جنهن کانپوءِ کيس تِهاڙ جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڊگهي عرصي کان چيڪ بائونس ڪيس ۾ قانوني پيچدگين کي منهن ڏيندڙ اداڪار کي فلم انڊسٽري طرفان ملندڙ حمايت کانپوءِ نيٺ مشروط ضمانت ملي وئي.
عدالت طرفان راجپال يادَو کي فيبروري جي پهرئين هفتي ۾ تِهاڙ جيل ۾ سرينڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو ڇو ته هو عدالت کان منظور ٿيل تصفيه معاهدي جي بار بار ڀڃڪڙي ڪري رهيو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل هفتي دهلي جي هڪ عدالت سندس ضمانت جي درخواست رد ڪندي چيو هو ته هو اٽڪل نوَ ڪروڙ رپين جي ادائيگي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
جسٽس سوارنا ڪانتا شرما واضح ڪيو هو ته يادَو جي قيد صرف رسمي ڪارروائي ناهي، پر هو انڪري جيل ويو آهي ڇو ته هن پنهنجي مرضي سان ڪيل معاهدي جا شرط پورا ناهن ڪيا.
پر سومر ڏينهن (16 فيبروري) تي راجپال يادَو کي مشروط ضمانت ملي وئي جنهن کانپوءِ کيس عارضي رليف حاصل ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.