نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اڙيسا سان واسطو رکندڙ ناليواري گلوڪارا گيتا پٽنائڪ برين اسٽروڪ سبب 73 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اڙيا ٻوليءَ ۽ ميوزڪ انڊسٽريءَ جي ۾ مقبول آوازن مان هڪ گيتا پٽنائڪ گذريل هفتي برين اسٽروڪ کانپوءِ هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، جتي هن گذريل ڏينهن دم ڌڻي حوالي ڪيو.
گيتا پٽنائڪ جو ڪيريئر اٽڪل پنج ڏهاڪن تائين پکڙيل هو، هن پنهنجي فني سفر دوران ڪيترن ئي فنڪارن ۽ موسيقارن سان ڪم ڪيو، پر کيس ليجنڊري اڙيا گلوڪار اڪشي موهنتي سان گڏ ڳايل گيتن سبب شهرت ملي.