ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 29 هين ميچ ۾ انگلينڊ سخت مقابلي کانپوءِ اٽلي کي 24 رنسن تان شڪست ڏئي سُپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو .
ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
انگلش مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪٽن جي نقصان تي 202 رنسون ٺاهيون، ول جيڪس 53 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ٽام بئنٽن 30، فل سالٽ 28 ۽ سيم ڪُرن 25 رنسون ٺاهيون.
اٽلي طرفان گرانٽ اسٽيورٽ ۽ ڪرشن ڪالوگماگي ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
انگلينڊ جي 203 رنسن جي هدف جي جواب ۾ اٽلي جي ٽيم به ڀرپور مزاحمت ڪئي ۽ آخري اوور جي آخري بال تي 178 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
اٽلي طرفان بين ميينيٽي 60، گرانٽ اسٽيورٽ 45 ۽ جسٽن موسڪا 43 رنسون ٺاهيون، وِل جيڪس کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو، انگلش ٽيم اٽلي کي مات ڏئي ٽورنامينٽ جي ايندڙ مرحلي( سُپر ايٽ) لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي..