ڪراچي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پي ايم ڊي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر انجم ضيغم موسم بابت ٻڌائيندي چيو ته سڀاڻي منجهند 2 کان 3 وڳي جي وچ ڌاران اولهندي هوائن جو سلسلو شهر تي اثر انداز ٿيندو.
هن چيو ته اهو سسٽم سڀ کان پهرين ڪراچي جي اولهندي ضلعن کي متاثر ڪندو، جنهن سبب ڪٿي گجگوڙ سان، ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي وچولي برسات ٿي سگهي ٿي، پر تيز برسات جو امڪان ناهي.
نذير ضيغم جو چوڻ هوته ڪراچي ۾ برسات سان شهر جو موسم ٿڌي ته نه ٿيندي، پر خوشگوار ضرور ٿي ويندي، ايندڙ جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪراچي جو گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو، جنهن جو سبب اِهو آهي ته برسات وارو سسٽم جڏهن اولهه يا اتر اولهه طرف ويندو ته ان سان ڪراچي ۾ ڪجهه اتر اوڀر کان گُهلندڙ هوائون موجود هونديون ۽ فيبروري ۾ جڏهن اهي هوائون گُهلنديون آهن ته انهن جو اثر ٿڌ وارو نه هوندو.
هن وڌيڪ چيو ته مجموعي طور رمضان دوران موسم خوشگوار رهندو، گهڻي گرمي نه هوندي، البت منجهند جي وقت سج جي تپش ضرور محسوس ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.