اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي هڪ اک واري نظر عينڪ لڳائڻ سان 70 سيڪڙو آهي.
پنهنجي بيان ۾ قانون واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي ٻي اک جي نظر 6-6 آهي، جڏهن ته طبي ٽيم به عمران خان جي علاج تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته اپوزيشن اڳواڻن ۽ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرز کي به آگاهه ڪيو ويو آهي.
قانون واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪيل مشڪل فيصلن جو ثمر ملڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ملڪي معيشت به بهتر ٿي رهي آهي.