ڪراچي (رپورٽر) گلستان جوھر ۾ ڏيڍ مھينو اڳ ھوٽل مالڪ ھٿان بيدردري سان قتل ٿي ويل نوجوان حضوربخش چانڊيو جي قتل خلاف سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن ۽ وارثن طرفان ڪراچي پريس ڪلبآڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، جنهن جي اڳواڻي ايس ٽي پي ڪراچي ڊويزن جي صدر اعجاز سامٽيو، آغاشاھ، جسقم جي انعام سيال۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي مٿين اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سان ڳالھائيندي چيو ته روزگار لاءِ ڪراچي شهر ايندڙ سنڌي نوجوانن ۽ مزدورن کي سازش تحت قتل ڪري ٻين جي رستا روڪ لاءِ خوف ۽ هراس پيدا ڪيو ٿو وڃي، هنن چيو ته ڪراچي پوليس ۽ ٻيا ادارا قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بدران انهن جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ سنڌي پوليس آفيسر پنهنجن ماڻهن جو آواز نه ٿا ٻڌن اڳواڻن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته حضور بخش جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين قانون جي ڪٽھڙي ۾آندو وڃي.