پي سي بي چيئرمين ۽ آءِ سي سي سربراهه گڏجي پاڪ-ڀارت ٽاڪرو ڏسندا؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 جو هاءِ وولٽيج مقابلو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ۽ آءِ سي سي سربراهه جئه شاهه گڏجي ڏسندا.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڀارت خلاف ميچ لاءِ سريلنڪا ويندو ۽ امڪان آهي ته هو آءِ سي سي چيئرمين جئه شاهه سان گڏجي پاڪستان ۽ ڀارت جو ميچ ڏسندا.
ذرايع جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي عهديدار ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جا آفيشلز پڻ پاڪ-ڀارت دنگل ڏسڻ لاءِ موجود هوندا، جڏهن ته پي سي بي ۽ ڀارتي بورڊ جا عملدار پڻ ڪولمبو ۾ هڪ ئي هنڌ موجود هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.